farben und geräusche

schatten rauschen in den augen, sie kommen
durch die bäume, tragen das licht auf ihren schultern,
an dem sie eingehen. es gibt echos, hast du gesagt,
die erst nach jahren zurück in die stimme finden.
ich habe lange geschwiegen und nur die worte
in kleinen grüppchen an der hand geführt und sie
manchmal an fremden orten ausgesetzt. ich weiß nicht,
ob sie eine sprache gefunden haben, in der sie sich
in die augen sehen konnten. ich habe es mir immer
gewünscht. dann müsste ich nicht alleine sterben.
das holz krächzt unter dem gewicht des windes,
das sie an den seilen ziehen. manche worte erkenne ich
an ihren geräuschen wieder, andere haben mich gefangen
genommen. aber ich habe sie immer wieder befreit.
und war doch mit ihnen verbunden. wie blau noch
der himmel ist und die farben mit dem licht spielen.
in ein paar tagen soll es langanhaltenden schnee geben
und vieles wird unter ihm schwinden. erst dann
kann ich sehen, wie schwarz die krähen eigentlich sind.
und welche farbe die worte tragen, wenn sie ausgehen

© Andreas Altmann
录制: Goethe Institut, 2015

رنگ ۽ آواز / رنگ ۽ سُرياٽ

رنگ ۽ آواز

وڻن جا پاڇا، اکين کي خمارين ٿا
پتن منجهان ڇڻندڙ روشنيء کي
هو پنهنجي ڪلهن تي چاڙهيو اچن ٿا
تون چوڀن ٿو ته اهو آواز نو پرپڙاڏو آهي
مان ڊگهي عرصي تائين خاموش رهيس
لفظن جا ننڍڙ اننڌڙا ٽڪرا هٿ ۾ جملي
احتجاج جو مظاهرو ڪندو رهيس
شايد هو لفظ سکي چڪا آهن
۽ الفن جي ڏڍتي آهين ۾ آهيون وجهي
ڳالهائڻ جي سگهه رکن ٿا
هميشه کان اهائي خواهش رهي آهي ته
مون کي اڪيلو ناهي مرڻو
جهنگ ۾ وڻن جا سڪل ٿڙ
هوا جي زور تي سرڙاٽ ڪن ٿا
ڄڻ ته رسيءَ سان ڇڪجي رهيا هجن
مون کي الفن آوازن پاڻ سان قيد ڪري چڏيو
جڏهن ته مون کين آزاد ڪري ڇڏيو 

Translation Sindhi: Attiya Dawood 


- - - - - - - - 


رنگ ۽ سُرياٽ

وڻن جا پاڇا اکين کي خمارين ٿا،
هوءَوڻن تان ڇڻندڙ روشني کي پنهنجي تي سوار ڪيو اچن ٿا
تون چوين ٿو ته
اهي آواز، جڳ پراڻن آوازن جو پراڏو آهن.
مان طويل عرصي تائين خاموش رهيس،
۽لفظن جي ٽڪر کي هٿ ۾ کنيو
ڪڏهن ڪڏهن اجنبي جاين تي ظاهر ڪندو رهيس.
مونکي ناهي پتوته
هوءَ هڪ ٻولي کي ماڻي چڪاآهن
جنهن سهاري هوءَ
اکين ۾ ڏسي سگهن ٿا
منهنجي هي سدا خواهش رهي ته
مونکي اڪيلو ناهي مرڻو
جهنگ ۾ وڻن جا سڪل ٿڙ،
هواجي زورتي سرڙاٽ ڪن ٿا
ڄڻڪ انهن کي رسي سان ڇڪبو هجي
انهن جي سرگوشين جا ڪجهه لفظ وري مونکي قيد ڪن ٿا
مون ته کين سدا آزاد ڪيو آهي
پرمان ساڻن ڳنڍيل آهيان
آسمان نيرو آهي
۽ رنگ روشني سان کيڏن ٿا
ڪجهه ڏينهن بعد، دير تائين رهڻ واري برفباري شروع ٿيندي
۽ گهڻو ڪجهه ان جي هيٺيان غائب ٿي ويندو
۽ تڏهن مان پسي سگهندس ته
ڪانونءَ نيٺ به ڪيترا ڪارا هوندا آهن ۽
لفظن جا ڪهڙا رنگ ٿي سگهن ٿا،

جڏهن اهي مري وڃن ٿا

Translation Sindhi: Amar Sindhu 

Translated into Sindhi by Amar Sindhu as well as by Attiya Dawood

A result of the project Poets Translating Poets. Versschmuggel mit Südasien, organised in 2016 by the Goethe Institute in collaboration with Literaturwerkstatt Berlin/Haus fü