Attiya Dawood
پريت جي ريت
Язык: синдхи
Переводы:
немецкий (Geschichte der Liebe)
پريت جي ريت
مان پريت جي ريت، نڀائڻ ڄاڻان ٿي
تنهنجي منهنجي وچ ۾
جي درياءُ هجي ها،
ته پارڪري اچان ها
پهاڙن جا پنڌ هجن ها،
ته لتاڙي اچان ها
پرهي جيڪي تو مون لاءِ
تنگ دلي ءَ جو قلعو اڏايو آ،
مصلحت جي ڇت وجهي
ريتن رسمن جي رنگ ڏنو آ،
فريب جو فرش وڇائي
لفظن جي جادوگريءَ سان
ان کي سجايو آ،
تنهنجي ان مڪان ۾
مان ماپي نه سگهنديس