اک جو فوڪس


هن جي اک جو فوڪس
فقط جسم جي دائرن تائين ئي محدود آهي
جسم، جيڪو ڪجهه فرق رکي ٿو
رڳو منهنجي پيرن لاءِ ئي باه ڇاڻي ٿي،
فرق ته ان اس ۾ ڀي آهي
سو،
پيار ڪهاڻي
ته رڳو نظم ۾ لکندس.
”انگ“ ۽ ”اکر“ جي ڏاڪڻ تي اٽڪي ٿا پون
آيتن جا لفظ ڀي
ڄڻ اپاهج هِن
۽...!!
منهنجي منظرنامي ۾
حقيقت رڳو
بار بار ايندڙ رت کي آهي.
جڏهن، آيتون ڀي ممنوع ٿي پون ٿيون
۽ ”اڌ“ هوندي به
سزائن جو ورثو پورو کڻان ٿي
جو، جنس جي ترازو ۾
منهنجو گناه پورو ۽
سچ جي گواهي اڌ ماپي ويئي آهي

© Amar Sindhu
Audio production: Goethe Institut, 2015