چمين جو ڪوڙهه


چمين جي ڪوڙهه ۾
ويران ٿي ويل جسم
بدن جي ڪيڏاري جي تاريخ لکن ٿا.
مون پنهنجي عاشقي جا
اهي سڀ داستان
جي اگهاڙا سهي
ڪوڙا نه هئا
سمنڊ جي ڪناري تي
هوائن ۾ خوشبو جيان اڏاري ڇڏيا
۽ پوءِ
تهنجي بدن تي
انڊلٺ جا رنگ اُڻيندڙ
منهنجي چُمين جا حرف
رات جي تاريڪي ۾
جي هجي لکن ٿاCompromise
۽ ڪمپرو مائيز جي ڍونڍ ۾
منهنجي ڪک سميت
بدن جا سڀ عضوا سڙي ويا آهن

© Amar Sindhu
Audio production: Goethe Institut, 2015