Amar Sindhu (سنڌو امر)
مان...!!
مان...!!
پنهنجي ديس جي اڪيلائپ کي
پنهنجو خواب آڇيان ٿي.
پر، گيت جيڪو ڀڳت ڪنور رام جي ڳلي ۾
ڪٺو ويو
منهنجي جسم جو عنوان
بڻجي نٿو سگهي.
هن جي ڇاتي تي
سر رکي مون روئڻ چاهيو ٿي،
امان ٻڌايو ته
منهنجي لڙڪن ۽ رڙين مان
هوءُ نکيٽي جو لوڪ گيت ٺاهي رهي آهي
۽... پوءِ!!
پنهنجي حصي ۾ آيل
سڀئي سوال
مون پنهنجي جسم ۾
پوکي ڇڏيا.
سمنڊ ڪناري تي
جواني جيڪو گيت گنگنائي ٿي
مون،
اهو گيت ڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته
لفظ مٽي ۽
مٽي منهنجو موت بڻجي ويئي.
هن جي هر سُڏڪي مان
مون هڪ نعرو ٿي جنميو
نعرو، جنهنجي مستقبل ۾ سوين ڪائناتون ۽
حال ۾ گندرف جون گوليون ۽
ڦاهي جا ڦندا لڙڪي رهيا آهن.
ڦاهي ۾ لڙڪيل ڳچين کان
مان، خوابن جي معنيٰ پڇان ٿي.
جن جا پٽ!
گندرف جون گوليو ن ڳيهي وڃن
ان ڳوٺ جي ماڻهن بجاءِ مون
ديوارن کي
( جيڪي گولين جي اوٽ بڻجي نه سگهيون)
روئندي ڏٺو آهي
”انهن جي رت مان مانيون
ڪڏهن ڦٽنديون.....؟؟“
منهنجا خواب
بار بار مونکان پڇن ٿا